جمن شاهه داتا خيالي تصوير

جمن شاهه داتا خيالي تصوير

جمن شاهه داتا جي مزار

جمن شاهه داتا جي مزار

جمن شاهه داتا

جمن شاهه داتا (شهيد): سيد جمن شاهه شهيد عرف داتا جمن شاهه سنڌ جو هڪ وڏو بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سيد جمن شاهه ولد سيد جمال شاهه جي ولادت 15 محرم الحرام 1265هه/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي. هن بزرگ جا وڏا اصل بخارا مان هجرت ڪري سنڌ ۾، گدو لڳ پرهياڙ ڳوٺ ۾ درياهه جي ڪناري تي ۽ پوءِ آخري عرصي ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهائش پذير ٿيا. اڄ به اُتي سندن مريد آهن ۽ هر سال هتي حاضري ڀريندا آهن. سيد جمن شاهه وڏو پرهيزگار بزرگ هو. ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ٽنڊي حيدر واري رستي تي، ريلوي ڦاٽڪ حيدرآباد وٽ سندس مسڪن هو، جتي هو هميشه عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ عقيدتمندن کي واعظ ڪندو رهندو هو.
ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ مرزا لالچ ۽ لوڀ ۾ اچي 18 جمادي الثاني 1331هه/ 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شهيد ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سندس خاص معتقد، مرزا غلام محمد بيگ به سخت زخمي ٿي پيو. جڏهن سيد جمن شهيد جو لاش اسپتال ۾ پهتو ته ان وقت جو ڪليڪٽر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به اچي پهتا. سيد جمن شاهه شهيد شهادت وقت پنهنجن عقيدتمندن کي وصيت ڪئي هئي ته سندس قاتل کي ڪجهه نه چئجو. چون ٿا ته سيد جمن شاهه جي شهادت کانپوءِ اهو قاتل چريو ٿي پيو ۽ گدو بندر واري چرين جي اسپتال ۾ وڃي داخل ٿيو.
جمن شاهه شهيد کي غسل ۽ ڪفن ڏيڻ کانپوءِ، مير نور محمد خان ٽالپر جي وزير ۽ شهيد جي عقيدتمند، مرزا ٻڍل بيگ، سندس ٽنڊي آغا جي آغائي ساداتن واري قبرستان ۾ تدفين ڪرائي. ڪجهه عرصي کانپوءِ مرزا ٻڍل بيگ، شهيد جمن شاهه جي قبر تي عاليشان مقبرو پڻ جوڙايو، جيڪو 8 ربيع الاول 1333هه/ 25 جنوري 1915ع تي تڪميل تي پهتو ۽ اڄ به ٽنڊي آغا اسماعيل شاهه ۾ عقيدتمندن جي زيارت جو مرڪز آهي. داتا جمن شاهه شهيد جي ڀرسان مقبري ۾ سندس پٽ سيد بچل شاهه به دفن ٿيل آهي.
ميرن جي وزيراعظم آغا سيد اسماعيل شاهه جي ننڍي ڀاءُ، شاهي حڪيم ۽ وزير، آغا باقر شاهه جي اولاد مان حاجي آغا سيد يار محمد شاهه، سجاده نشين/ متوليءَ طور اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين سيد جمن شاهه'>درگاهه سيد جمن شاهه تي ٽي ڏهاڙا ميلو ۽ چوٿين ڏهاري مجلس ڪرائيندو هو. هن 13 ڊسمبر 1992ع تي ميلي جي وچئين ڏينهن راڳ رنگ ۽ سماع دوران سوين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ اسٽيج تي ويٺي وجد ۾ اچي دم ڏنو. سندس جسد خاڪي درگاهه اندر تعمير ڪرايل مقبري ۾ رکيل آهي. مرحوم جي حياتيءَ ۾ سندس وڏي ڀاءُ جي اولاد ۽ ناٺي سيد آغا شاهه مـردان شاهه الحسينيءَ کي سجاده نشين طور ذميواري حوالي ڪئي وئي، جيـڪا هن وقت نڀائيندو اچي، جــڏهـن ته مرحوم سجاده نشين آغا يار محمد شاهه کي نرينو اولاد نه هئڻ ڪري هن پنهنجي ڀاءُ جي اولاد ۽ ڏوهٽي سيد آغا محسن رضا شاهه الحسينيءَ کي پنهنجي پڳ جو وارث قرار ڏنو هو. اهڙي دستاربندي سندس چاليهي جي موقعي تي خاندان جي بزرگن ۽ شهر جي معززن جي موجودگيءَ ۾ ڪئي وئي هئي.
سيد جمن شاهه شهيد جي ميندي مبارڪ، ميلي جي وچئين ڏينهن تي وڏي تعداد ۾ عقيدتمندن جي موجودگيءَ ۾ جلوس جي صورت ۾ سجاده نشين آغا سيد يار محمد شاهه جي حويليءَ تان کڄندي هئي ۽ اڄ تائين ساڳئي دستور موجب اتان کنئي ويندي آهي. ميلي جي آخري ڏينهن حضرت امام حسين عليه السلام جي مجلس عزا ٿيندي آهي، جيڪا سيد يار حاجي آغا محمد شاهه ڪرائيندو هو ۽ هاڻي حاجي آغا سيد شاهه مردان شاهه ڪرائيندو اچي ٿو.
سيد جمن شاهه داتا جي شهادت تي مرزا ٻڍل بيگ قطعه تاريخ چئي هئي، جيڪا مقبري تي اُڪريل آهي:
از شهادت شد مشرف سيد جمن شاهه زار،
هجدهم ماه جماد دوم آن گردون وقار،
رفت جنت بهر سالش گفت ٻڍل را سروش،
’دوجـده آغـوش‘ خوابيده شه عالي تبار.
1331هه
ان کانسواءِ ميرزا ٻڍل بيگ هن سيد سڳوري جي شهادت تي هڪ طويل مسدس مرثيو پڻ چيو هو، جيڪو 38 بندن تي مشتمل آهي. ميرزا ٻڍل بيگ جي انهي مرثيي جا ٻه بند هيٺ پيش ڪجن ٿا:
اڄ وري بيڏوهه ٿيو سادات جمن شاهه شهيد،
ڪربلا ۾ جيئن ڪَٺو شبير کي شمر پليد،
تيئن ڪَٺو موذي عداوت سان اچي سيد سعيد،
شمر کان پڻ ٿيو شقاوت ۾ زياده هي عنيد،
ڪربلا جو واقعو تازو ٿو ڏسجي سنڌ ۾،
ظلم هن جو شور ٻڍبو جلد هاڻي هند ۾.
-
بس ٻڍل تون ڇا ڪندي هن حال جو شرح و بيان،
آل تي جي ظلم ٿيا سي ڪين ڪي آهن نهان،
عدل ظلمن جو ڪندو خود خالق هر دو جهان،
صابرن سر ڪيا فِدا پنهنجا رضا و صبر سان،
ظالمن کي ظلم جي ملندي سزا نار حميم،
صابرن لئي حق مقرر ڪيو سدا نعم النعيم.


لفظ جمن شاهه داتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.12.11  عيسوي

سيد جمن شاهه شهيد عرف داتا جمن شاهه سنڌ جو هڪ وڏو بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سيد جمن شاهه ولد سيد جمال شاهه جي ولادت 15 محرم الحرام 1265هه/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي.


1913.05.25  عيسوي

ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ مرزا لالچ ۽ لوڀ ۾ اچي 18 جمادي الثاني 1331هه/ 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شهيد ڪري ڇڏيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير حسين شاهه راشدي
شبيران چنا
خانزئي مولوي غلام محمد
نواز علي نياز جعفري
بخش علي لاکو
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
امير بيگم ڀٽو
ستئونداس حڪيم
ابن مسڪويه
ابوالفضل نور احمد سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون